بِہ جي سنڌي معنيٰ
ڀِي، پڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Also, too
بِہ جا بيتن ۾ حوالا
تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون،
لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ،
ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ بِہ گَڏِيُون ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 20 ]

ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪِياءِ،
ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ،
ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سائِرَ سَنبِرين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 34 ]

جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ،
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]

ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو،
نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو،
جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ جُڳاتَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 22 ]

جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ اوڏِيائي مَڱان،
ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 3 ]

آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جيڪا گهاري ماءِ،
توڻي ھوءِ اَوڳُڻِي، تَہ بِہ رُکو مُورِ نَہ کاءِ.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 20 ]

چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ ڀيرِيو جَنِ،
توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 26 ]