بُڪِيُون جي سنڌي معنيٰ
گُردا، مثانا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kidneys
بُڪِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا،
سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 9 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا،
سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 9 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِنگاَ وَرَ واٽُنِ،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 7 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 7 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
English Meaning
Kidneys
بُڪِيُون ٻول جا زمرا