اَمُرَ جي سنڌي معنيٰ
حڪمَ، ڳالهيون، چوڻَ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Orders, asking
اَمُرَ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ،
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]

ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ،
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا،
طامِعِ آھِيان توھَ جي.
اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ سَتارَ،
ھِڪُ وِڃايَمِ ويسَرِي، ڄاڻِي سَڀَ ڄَمارَ،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، سو تُون ڄاڻين ڄاڻَڻَھارَ،
جِيئَن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙِئا کَٽَڻَھارَ،
مُنھِنجِي سِڪَ سَيِّدَ ڏي، مَدِيني موچارَ.
[ سُر بلاول، وايون، 1 ]

ڇا جَي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھِنجو ڏِينھُن ڏِنگو مَ ٿِئي،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَيَنِ جِي، ڇا وَھِيڻُو ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جَا اَمُرَ کي آڏِي ڦِري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 1 ]