اُٿِيان جي سنڌي معنيٰ
اٿي بيھان، کڙو ٿيان، بيھان، سڌو ٿيان، اُٿان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To become steady, wake, stand
اُٿِيان جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ،
پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ،
سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِيَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 9 ]
پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ،
سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِيَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 9 ]
گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ،
وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 5 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ،
وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 5 ]
ڍولا ڪُڄاڙِئا، ٻُولايو ٻوڏُ چَئِين،
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 34 ]
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 34 ]
اُڀَرِئامِ اَنگُورَ، سُتي سُپَيرِيَن جا،
کايو کايو سُورَ، لُڇِئو اُٿِيان.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 9 ]
کايو کايو سُورَ، لُڇِئو اُٿِيان.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 9 ]
English Meaning
To become steady, wake, stand