ھِندورو جي سنڌي معنيٰ
پينگهي جو هڪ قسم، جهُولو، لُڏڻو، جهولڻو، پينگهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A cradle, kind of swing.
ھِندورو جا بيتن ۾ حوالا
ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ٽِڙَنِ،
واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 3 ]
واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 3 ]
ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ،
لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 4 ]
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ،
لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 4 ]
English Meaning
A cradle, kind of swing.