ھَڙَ جي سنڌي معنيٰ
ڪپڙي وغيرہ جي ٻڌل ڳنڍ، ڳٺڙي، ڳنڍ، بڊڪي، بَڊَ، بڊڙي، ڳنڍڙي، ڀروٽي، ڀروٽڙي، بُجڪو، بُجڪي، ٿيلهو، ننڍڙي هَڙَ، ڀَري. پونجي، ملڪيت، سرمايو، موڙي، ڌَنُ، ناڻو. سَڀُ، ڪُلُ، مڙيئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A knot in the corner of a cloth or garment. A bundle tied up in a cloth, a parcel.
ھَڙَ جا بيتن ۾ حوالا
جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساھَڙَ ٻَڌِي ساھَ کي،
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]
پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا،
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا،
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
وَکَرُ سو وِھاءِ، جو پَئِي پُراڻو نَہ ٿِئي،
ويچِيندي وِلائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ
سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳَھَ جَنھِن جي اُبُھين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 9 ]