ھيرَ جي سنڌي معنيٰ
ھاڻي، هِيار، هَينئر. هن وقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Now, this time.
ھيرَ جا بيتن ۾ حوالا
دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ سارِئا،
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ،
ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊِيَنِ ڀيرَ،
آءُ آرِياڻِي اُسِرِي، ٿِي واھَرَ جِي ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، تُون پارِس رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 6 ]

ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
ڪُپيرِئان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون،
اُنِهين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آيو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 4 ]
اُنِهين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آيو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 4 ]
ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ،
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]
پِرِيَنِ پاتا پيرَ، آئُون ڪيرَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي،
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]
ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ اَڳُوڻِيءَ ھيرَ،
تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ،
ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ، جِيئَن سَرَتِيُنِ سانگُ سِڌارِئو
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 21 ]
تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ،
ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ، جِيئَن سَرَتِيُنِ سانگُ سِڌارِئو
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 21 ]
English Meaning
Now, this time.