ھوڏَ جي سنڌي معنيٰ
تڪبر، هٺ، وڏائي، واڏ، ضد. شرط، بازي. حجت، هلندي، هٿ پڄندي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Obstinacy, perverseness, dispute, stubbornness. A bet, wager.
ھوڏَ جا بيتن ۾ حوالا
وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]

ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين،
ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،
جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ سُڻايان دِلِ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 25 ]

ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ،
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]

ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا،
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]

مَڻيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ،
ھارِي ڪِنِيءَ ھوڏَ کان، ڪُڄاڙو سَرِئوءِ،
اَڳھَيِن اَنگُ وِنگوءِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 16 ]

ھوتَ نَہ پَھچان ھوڏَ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، تِکا وَڃَنِ توڏَ،
اوڏِي ڪَري اوڏَ، پَھچائِجِ پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 32 ]

مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ،
ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ،
ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 5 ]