ڳَٽُ جي سنڌي معنيٰ
ڳچيءَ ۾ ٻڌل طوقُ، پَٽو. ڪُتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل وڍي. گهانگهو. مينھن يا ڍڳيءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪاٺي جا زمين سان گسڪندي ويندي آهي، جنھن ڪري ٽاهڙ چوپايو ڀَڄي نہ سگهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Collar. A piece of stick fixed in a dog’s collar.
ڳَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي سين ڪِينَڪِي،
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]
English Meaning
Collar. A piece of stick fixed in a dog’s collar.