گاءُ جي سنڌي معنيٰ
گَرِو، هَٺُ. هَستي، گهَمنڊُ، سيخي، آڪَڙ، هَٺُ، وڏائي، تڪبر، فخر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pride, haughtiness.
گاءُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان،
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
گِيرَبُ نَہ گاءُ، مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾،
نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ،
سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 7 ]
نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ،
سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 7 ]
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]
English Meaning
Pride, haughtiness.