ڪَڇَ جي سنڌي معنيٰ
جسم جي ٻانھن ۽ ڪلهي جي جوڙ وارو هيٺان جو هنڌ، بَغَلُ. وِهِٽُ، ماڻ. هَنجَ، گود، جهولي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The armpit. The flat area between the waist and the knees (of a person seated), bosom, lap.
ڪَڇَ جا بيتن ۾ حوالا
بَرَ وُٺا ٿَرَ، وُٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،
پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 8 ]
پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 8 ]
سورَھين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڪا بُولي ڪاھِين،
چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ،
ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ،
اِنَهِن ۾ آھِينِ، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 16 ]
چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ،
ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ،
اِنَهِن ۾ آھِينِ، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 16 ]
نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ ڪَڇَ ڪاڇوٽِي،
سامِيءَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابُوءَ باھوٽِي،
جوڳِي جَبَروتِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 5 ]
سامِيءَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابُوءَ باھوٽِي،
جوڳِي جَبَروتِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 5 ]
اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي،
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ،
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي،
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ،
ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 11 ]
ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 11 ]
English Meaning
The armpit. The flat area between the waist and the knees (of a person seated), bosom, lap.
ڪَڇَ ٻول جا زمرا