ڪَلاڙَ جي سنڌي معنيٰ
شراب چڪائيندڙ، شراب ڪڍندڙ، شراب موڪليندڙ، ڪلال، آبڪار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sect of Hindus whose profession originally was distilling spirits, a wine seller, distiller.
ڪَلاڙَ جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا،
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 21 ]