ڪَعبو جي سنڌي معنيٰ
الله جو گهَرُ، بيت لله جو نالو، بيت الحرام، قبلو، خدا جو گهرُ مڪي ۾. نماز ۾ سجدي وارو طرف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Holy place "Kaaba" in Mecca city. House of Allah in Islam. Ultimate direction of prayers in Islam religion.
ڪَعبو جا بيتن ۾ حوالا
ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،
ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ،
پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 6 ]

آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ،
ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 26 ]