ڪوھِيارا جي سنڌي معنيٰ
ڪوه وارا، جبل جا رَهاڪو، جابلُو، ڪوهِيارَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mountaineers, persons who live in mountains.
ڪوھِيارا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا،
سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا،
جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 4 ]
سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا،
جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 4 ]
آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 11 ]
ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 11 ]
تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 12 ]
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 12 ]
ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون،
جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 28 ]
جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 28 ]
سُتِيءَ سي نَہ سِياءَ، جٖي ڪوھِيارا ڪيچَ جا،
اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينھَن جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 36 ]
اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينھَن جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 36 ]
لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا،
جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 12 ]
جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 12 ]
مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا،
ٻاروچا ڪوھِيارا،
اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا،
سُڌِ نَہ اُنِ کي سُورَ جِي، سِڪَڻَ آيو ساءُ،
موريسَرَ اَکِيَنِ ۾، تيلاھِين پِئا،
آئُون ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، وِئَڙُمِ ھوتُ ھَٿان.
[ سُر حسيني، وايون، 15 ]

ڏِٺَمِ ڏونگَرِيا، ھُيَسِ گهورِي جَنِ جِي،
مُون لوڏان ئِي لَکِئا، اِھَڙا ٻاروچا،
جيڪُسِ ڪوھِيارا، مُون ڪَرَ لاھُو آيا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 32 ]
مُون لوڏان ئِي لَکِئا، اِھَڙا ٻاروچا،
جيڪُسِ ڪوھِيارا، مُون ڪَرَ لاھُو آيا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 32 ]
English Meaning
Mountaineers, persons who live in mountains.
ڪوھِيارا ٻول جا زمرا