ڪونهي جي سنڌي معنيٰ
ڪجهہ ناھي، نہ آھي، ڪو نہ آھي، ناھي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Is not, isn't
ڪونهي جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]

مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ،
عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلۡ، جِيئَن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 13 ]

آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]