ڪارِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڪاري رنگ جون، ڪاري رڱ واريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Black, blackish.
ڪارِيُون جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون،
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُورِ نَہ موچارِيُون،
وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون،
اُنِين جُون آرِيُون، سَمي ريءَ ڪيرُ سَھي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 14 ]
وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون،
اُنِين جُون آرِيُون، سَمي ريءَ ڪيرُ سَھي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 14 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون،
ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون،
جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرَفُ حِسابَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 15 ]
ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون،
جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرَفُ حِسابَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 15 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ،
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]
English Meaning
Black, blackish.