کِيڪارَ جي سنڌي معنيٰ
ڀليڪار. آڌرڀائي، سلام عليڪي. بندگي. سلام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Greetings.
کِيڪارَ جا بيتن ۾ حوالا
مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]

سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]