کَڏَ جي سنڌي معنيٰ
زمين ۾ کوٽيل چَلهو، اونهي کوٽيل زمين، پَئُوڻ . کُوٻو، چُڍو، ڪوڀ، ڀاڏ، کاهي، چَر، کاڻ، کامو. کوھاڏو، کُھاڏو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A hole in the ground or in any thing where it does not pass through, a pit, cavity, socket.
کَڏَ جا بيتن ۾ حوالا
تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]

کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،
تَنھِن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 4 ]
تَنھِن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 4 ]
English Meaning
A hole in the ground or in any thing where it does not pass through, a pit, cavity, socket.