ڏُڪارُ جي سنڌي معنيٰ
ڏکيو وقت. هر شئي اناج وغيرہ جي کوٽِ يا ڪمي، آڻ هُوند، اَڻاٺِ، کوٽُ، ڪَمي، قِلت. ڏُڪَرُ، ڪاڻ، اَوُسَرُ، بُکَ، گراني، مَھِنگائي وارو زمانو، مَھانگائي، ڏُرتُ، ويلُ. بيماري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hard time Lack of everything, such as grains, etc. Drought.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏُڪارُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا،
صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 19 ]

ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ سُڪارِئو،
ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 20 ]
ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 20 ]
ڪِينِهي طالِبَ تاتِ جا، آھي تاتِ تَيارُ،
ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 22 ]
ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 22 ]
ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين،
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]
English Meaning
Hard time Lack of everything, such as grains, etc. Drought.