ڇَنَ جي سنڌي معنيٰ
ٽُوئن مان ٺھيل لانڍيون جن تي ڪکائين ڇت اڏيل هجي. ڇَپَرُ. مَنَھَن. ڪکاوان گهر. پناھ جي جاءِ. ڪکائون مَنَھُن جو شاديءَ وغيرہ جي ڪاڄ ۾ ڄاڃِيُن کي ويھارڻ لاءِ ڪم اچي. جاءِ، گهر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Houses made from grasses, Sheds, wooden roofs, nests.
ڇَنَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهرِيين وَرَنَ،
اُٺي ٿِي اُتَھِين، ڇاڇِ سَڀَڪا ڇَنَ،
جي مُحِبَ اَندَرِ مَنَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 17 ]
اُٺي ٿِي اُتَھِين، ڇاڇِ سَڀَڪا ڇَنَ،
جي مُحِبَ اَندَرِ مَنَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 17 ]
English Meaning
Houses made from grasses, Sheds, wooden roofs, nests.