چِڪَڻِ جي سنڌي معنيٰ
چِڪَ. چِيڪِي گَپَ. تِرڪِڻِي زمين، تِرڪَڻِ. مُصيبت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mud, mire. A shoal or shallow in water.
چِڪَڻِ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي،
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ،
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]
مَولو ڪَندو ماڙِ، مُنھِنجِي اللهُ ڪَندو،
ھادِي ڏيئِي ھَٿَڙا، مَنجهان چِڪَڻِ چاڙِھِ،
ھُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين نيئِي ساڙِ،
ڪِشتِي ڪَمِيڻَنِ جِي، اللهَ لَڳِ اُڪارِ،
ڪَلمُو چَئِي ڪَرِيمَ جو، سَڀَ لَنگهَندا پارِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڏاتَرَ ڏيھُ ڏيکارِ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 2 ]