چاڙِھِينِ جي سنڌي معنيٰ
چاڙهي رکن، سوار ڪن، رکن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Put on, keep on
چاڙِھِينِ جا بيتن ۾ حوالا
آڻِين ۽ چاڙِھِينِ، ڪِ ويڙِھيچا وارِينِ،
سَٿا ڪِئو سُومَرا، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئَي، چائُرَ ڪِئو چاڙِھِينِ،
پُلاءُ نَہ پاڙِينِ، عُمَرَ آراڙِيءَ سين.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 21 ]

مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين،
ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ،
لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،
وَڍِئو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلهي ٿا چاڙِھِينِ،
مُوْتُوْ قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْ ، مَرضَ اِنَ مارِينِ،
لَا يَمُوتُ فِيھَا وَلَا يَحْيَىٰ ، مارِئو جِيارِينِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 3 ]

ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]