پَڳَھُ جي سنڌي معنيٰ
ٻيڙيءَ کي ڪناري سان ٻڌڻ جو رسو. لنگر هڻڻ جو رسو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The rope by which a boat is fastened to the bank.
پَڳَھُ جا بيتن ۾ حوالا
ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ،
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]