پَکو جي سنڌي معنيٰ
ڇَپَرُ. مَنَھُن. لانڍي. پکن مان ٺهيل جهوپڙي اَجهو، ڍَڪ. تيلين يا ڪانن مان ٺهيل، پَتَرَ جا لانڍين ٺاهڻ ۽ ڇتين ڍڪڻ ۾ ڪم اچي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of mat made of reeds or flags, used for roots of houses etc. a large fan. A place of refuge, asylum.
پَکو جا بيتن ۾ حوالا
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو،
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
ڊِگهي اَڏِ مَ مَنَھِين، پَکو اَڏِ مَ لانڍُ،
اَڏِئو جَنِ وِرانڍُ، تَنِ سَوارو لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 9 ]
اَڏِئو جَنِ وِرانڍُ، تَنِ سَوارو لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 9 ]
مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]

اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان،
ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ
پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون پيھِنِ وَٽِ،
مَرڪان مارُوئَڙَنِ سين، پَکو اَڏي پَٽِ،
سُورُ مُنھِنجو سُومَرا، ڪارَڻِ قادِرَ ڪَٽَ،
تِھَڙِي سيڄَ سُومَرا، جِھَڙو پائُرَ پَٽُ،
پيرُون چُونڊِيندِيَسِ پِرِينءَ سين، ڪانبو ڪانبيِ وَٽِ،
کِيرُون ڏِيان جيڏِيين، وَڃان جَي وَرَ وَٽِ،
مُون ڏُکِيءَ ڪِھَڙو ڏوھُ ڪِئو، ٻِيُون سَڀَ وَرَنِ وَٽِ.
[ سُر مارئي، وايون، 14 ]

اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ،
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
English Meaning
A kind of mat made of reeds or flags, used for roots of houses etc. a large fan. A place of refuge, asylum.