ٽُوھَ جي سنڌي معنيٰ
ريگستانن يا ويرانن ۾ ڦٽندڙ ھڪ جهنگلي ول جنھن جو ڦر ٽوھ ٿئي، ٽوھ ذائقي ۾ بي انتھا ڪڙو ٿيندو آھي. طب ۾ ڪافي بيمارين تي ھي ڪڙو ميوو اڪسير ٿيندو آھي. ٽوھ جي سڃاڻپ گهڻو ڪري ان جي تيز ۽ ڪڙي ذائقي ۾ ورتي ويندي آھي جڏھن تہ ٽوھ شڪل، رنگ ۽ ڊول جي ڪري تمام گهڻو اکين کي وڻندڙ ٿيندو آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Citrullus colocynthis, with many common names including colocynth, bitter apple, bitter cucumber, desert gourd, egusi, vine of Sodom, or wild gourd, is a desert viny plant native to the Mediterranean Basin and Asia.
ٽُوھَ جا بيتن ۾ حوالا
صُورَتَ گهَڻو سُهڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوھَ،
ريلو ڏيئِي رُوحَ، جو کائي سو کامِي مَري.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 9 ]

کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]

مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ،
اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 18 ]