ياقُوتَ جي سنڌي معنيٰ
جواهر جو هڪ قسم، قيمتي پٿر جو هڪ قسم، چمڪندڙ ڳاڙهي رنگ جو هڪ جواهر، لعل (نٿن ۾ پوندڙ)، ياقود، موتي، ماڻڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ruby, kind of a precious red stone, kind of a jewel.
ياقُوتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ،
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ،
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]
English Meaning
Ruby, kind of a precious red stone, kind of a jewel.
ياقُوتَ ٻول جا زمرا