نُورِي جي سنڌي معنيٰ
نور مان پيدا ٿيل. نُور وارو، نور جو، روشنُ، اوجَلُ، آبدار چھرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With or having eternal light, lightened with God's enlightenment.
نُورِي جا بيتن ۾ حوالا
صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين،
مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ،
سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 10 ]

جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽ نارِي،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 1 ]

جيڪَرَ ڄاڻي ڄامُ، تَہ ڪا نَوازِبِي نُورِي،
سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 15 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]