مُھاڻِي جي سنڌي معنيٰ
مڇيءَ واري، ٻيڙيائتي، ڪشتي بانِ، مَلاح عورت، ميربحر، ناکُئي، ناخدا. ميربحر، کارائي. لوڻاٺي، لوڻ واري، نمڪين، سلوڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Woman belonging to one of the oldest tribes of subcontinent. A fisher woman of subcontinent.
مُھاڻِي جا بيتن ۾ حوالا
ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين،
توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ،
سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 9 ]
توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ،
سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 9 ]
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُھاڻِي مي،
کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي،
مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ تُنھِنجي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 8 ]
کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي،
مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ تُنھِنجي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 8 ]
ويٺِي ڪَري وَرَنَ، مي مَڇيءَ ۾ ھَٿَڙا،
راجا اَڳي رَکِي ھُئِي، مُھاڻِي ۾ مَنَ،
تَماچِيءَ جي تَنَ، ڳالِهيُون چَيَسِ ڳُجِهيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 9 ]
راجا اَڳي رَکِي ھُئِي، مُھاڻِي ۾ مَنَ،
تَماچِيءَ جي تَنَ، ڳالِهيُون چَيَسِ ڳُجِهيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 9 ]
مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾،
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي،
اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 13 ]