موٽَنِ جي سنڌي معنيٰ
پوئتي ورن، پويان پير ڪن، واپسي ڪن. پُٺ ڪن، واپس ٿين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Backing, returning, moving backwards.
موٽَنِ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا،
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
English Meaning
Backing, returning, moving backwards.