موٽي جي سنڌي معنيٰ
واپس اچي، موٽ اچي، موٽ کائي، وَري. پويان پير ڪري. هَٽي، پُٺ ڏئي، اصلوڪي حالت ۾ اچي. لھي (بدن ۾).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May come back, return.
موٽي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون،
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]

ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي،
سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 33 ]