ماڻو جي سنڌي معنيٰ
ناز، نخرو، لاڏ، انگل، آر، چاڳ، چخن، تال، ڇانگرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tricks, artifices, jokes, wiggeries, coquetry, blandishments.
ماڻو جا بيتن ۾ حوالا
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
English Meaning
Tricks, artifices, jokes, wiggeries, coquetry, blandishments.