مارَڳِ جي سنڌي معنيٰ
رستي ۾، سڙڪ تي، واٽ ۾، گس، دڳ يا راھ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On the way, path, road.
مارَڳِ جا بيتن ۾ حوالا
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
عُمِرِ سَڀَ عِشقَ سين، پُنهون جٖي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 7 ]
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 7 ]
English Meaning
On the way, path, road.