لامَ جي سنڌي معنيٰ
اَجهو، آسرو، پنارو، دامن، پناھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shelter, hope. Length, used only in measuring ground or things of substance in contradistinction to breadth. The branch of a tree.
لامَ جا بيتن ۾ حوالا
اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا،
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]

پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي،
آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ،
ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ لِيارَ،
ڪَنڊَنِ ۽ ڪَرِيڙَنِ کان، پُڇي سيڻَ سُوارَ،
ويجهِي ٿِي وَڻِڪارَ، آرِياڻِي اِيندُسِ وَرِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 20 ]

مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ،
پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ،
چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سوڍو مَٿان تَنِ، اوچتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 11 ]

ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،
پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ،
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 13 ]

ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو،
مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ،
اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 26 ]

پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ چئَي،
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ آنھِنجي ڪارِ،
جٖي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 4 ]

بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙي مامَ،
ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ،
اَچي تَنِ جِي سامَ، دُرَھا دُرَھا ڪَنِ جي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 8 ]

ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ تاري جي لامَ،
سَڄَڻَ مُون کي موڪِلِئا، سُهڻي کاڄِ سَلامَ،
ھوتَ مَ ڀَڃِجِ ھامَ، ٻَڌِيَئِي جَا ٻولَ ڪَري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 12 ]