قَنڌارَ جي سنڌي معنيٰ
ڳنڌار (قنڌار)، افغانستان جي ھڪ شھر جو نالو، جيڪو تاريخي حيثيت رکندڙ آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kandahar is a city in Afghanistan, located in the south of the country on the Arghandab River, at an elevation of 1,010 m. It is Afghanistan's second largest city after Kabul, with a population of about 614,118.
قَنڌارَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]