غُرابَ جي سنڌي معنيٰ
غوراب. ٻيڙيءَ جو هڪ قسم، وڏو ٻيڙو، واڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of boat having one mast or sail, a kind of ship having three mast of sail which was used in the bay of Bengal and its surroundings in the 14th century.
غُرابَ جا بيتن ۾ حوالا
لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو،
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]