عَذابُ جي سنڌي معنيٰ
نہ سَھَڻ جھڙو سُور، اِيذاءُ، پِيڙا، درد. اذيت، سختي. آزار، ويڌن.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Unbearable pain, agony, torture
عَذابُ جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]
English Meaning
Unbearable pain, agony, torture