شَيءِ جي سنڌي معنيٰ
وَٿِ، چِيزَ، ٽولُ، ٿُوڪ، وجود، جِنسَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thing, anything
شَيءِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي،
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]

طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو،
وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ عَينُ ٿِئو،
طَلَبُ اللہ تَعاليٰ قَبلَ ڪُلِ شَيءِ فرِيضَةُ ، ڇَڏَڻَ تان نَہ جِھو،
سُڃاڻِي سِھو، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 16 ]