سِينگاري جي سنڌي معنيٰ
سونھن کي وڌائڻ جا ساٺ ڪرائي، ڪپڙا لَٽا پارائي، ڳَھ ڳَٺا پارائي، آراستو ڪري، تيل ڦُليل ڪرائي، سِينڌ سُرمو ڪرائي، ويس وَڳا پارائي، ٺاھ ٺُوھ ڪرائي، جهڳ مڳ ڪري، زرق برق، رَڄا ڌڄا، زيب و زينت، سَجائي، شان شوڪت سان، ٺاٺ ڪرائي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Decorate, adornment, magnificence, an ornament.
سِينگاري جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 6 ]
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 6 ]
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 8 ]
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 8 ]
سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي،
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]