سِيباڻو جي سنڌي معنيٰ
وڻيل، پسند ٿيل. مناسب، لائق، دِل گهريو، خواهان، سيبڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Liked. Suitable, desired.
سِيباڻو جا بيتن ۾ حوالا
آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان،
لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 8 ]
لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 8 ]
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ،
راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ،
گهورِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، تُنھِنجي قَدَمَ تان قُربانُ،
مَٿو ھِيءُ مَھمانَ، ھَلِي چَئُہ تَہ ھُتِ ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 13 ]