سُورَجَ جي سنڌي معنيٰ
سج ، سوراج، شمس، آفتاب، خورشيد. تِڙڪو، ڪاڙهو. آسمان تي ھڪ تارو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
The sun, an star.
سُورَجَ جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
بادَلِيا تُم بِين ڪَرُون، سُورَجَ لي ڇَپاءِ،
پِيَ مورا پَنڌَ ۾، مَتان ڌُوپُ لَڳي ڪَوَلا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 14 ]
پِيَ مورا پَنڌَ ۾، مَتان ڌُوپُ لَڳي ڪَوَلا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 14 ]
اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا،
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]
سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون، اوٺِي نَہ آيو،
راڻي رَنجائو، ڏِنو مُنھِنجي ڏِيلَ کي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 10 ]
راڻي رَنجائو، ڏِنو مُنھِنجي ڏِيلَ کي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 10 ]
جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي،
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي،
جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 7 ]
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي،
جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 7 ]
English Meaning
The sun, an star.