سَڪِراتِ جي سنڌي معنيٰ
موتَ جو وَقُتُ، مَؤتَ جو آخري دَمُ. پڇاڙيءَ جا پَساھَ. ساھ نڪرڻ وقت تڪليفَ. بيھوشِي، غَشِي. موت جو نَشو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The moment of death, articulus mortis.
سَڪِراتِ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويون ٿِئُمِ پَساھُ،
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]