سَٻَرُ جي سنڌي معنيٰ
ٻلوان، طاقتور، سگهارو، زور وارو، ڏاڍو، مضبوط، جانٺو، جُنگ، جبرو، سٽاڻو، زبردست، پھلوان. تندرست. سخت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Strong and violent, raised or somewhat higher.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سَٻَرُ جا بيتن ۾ حوالا
مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا،
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 19 ]
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 19 ]
سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ،
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]