سَمِيُون جي سنڌي معنيٰ
سَمي خاندان جون عورتون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Women of Samma tribe.
سَمِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائَڻَ آيُون،
ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، جُهلي جَهٻيرَنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 12 ]
ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، جُهلي جَهٻيرَنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 12 ]
پاٻوڙو پيشِ ڪِئو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي،
حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي،
نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 10 ]
حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي،
نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 10 ]
کُوءِ سَمِيُون ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ،
وَرُ سي ڪِينجُهرَ ڄايُون، جَنِ تَماچِيءَ جِي تاتِ،
راڻنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ مي پِرايو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 15 ]
وَرُ سي ڪِينجُهرَ ڄايُون، جَنِ تَماچِيءَ جِي تاتِ،
راڻنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ مي پِرايو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 15 ]
English Meaning
Women of Samma tribe.