سوڀَ جي سنڌي معنيٰ
فتح، جيت، سَرشي، ڪاميابي، ڪامراني. شاباس، جَسُ. مُھَمَ ، بھادريءَ جو ڪم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Victory, success, triumph, conquest.
سوڀَ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 3 ]
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 3 ]
English Meaning
Victory, success, triumph, conquest.