رُڳِيائِي جي سنڌي معنيٰ
اصل، صفا، بلڪل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Exact, just, certain.
رُڳِيائِي جا بيتن ۾ حوالا
خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]
English Meaning
Exact, just, certain.