رَمزَ جي سنڌي معنيٰ
اکين، ڀِرُن يا چپن جو اشارو، اُھڃَ، غمزو. نشاني، اُھڃاڻ، علامت. ڳجهارت، لڪل ڳالهہ. ذو معنيٰ ڳالهہ. اٽڪل، تجويز، ڍنگ، کيڏَ. ڳُجهہ، راز.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A wink, secret, note, sign, gesture, will, pleasure, desire.
رَمزَ جا بيتن ۾ حوالا
اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ،
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي،
رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 17 ]
رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 17 ]
سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي،
تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي،
ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي،
قَيدالماءِ اَشَدُ مِن قَيدِ الحَدِيدِ، اِها رَمزَ رَهِي،
وَڃي لوهُہ لَھِي، تَہ مِلان مارُوئَڙنِ کي.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 8 ]

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 20 ]