ذَوقَ جي سنڌي معنيٰ
چکڻ جي قوت. ذائقو، لذت، مزو، سواد، حظ، ساءُ، لاءُ. شوق. چاهنا، چاٽي. خواهش، اُمنگ. لطف، خوشي، سرهائي، موج، آنند، فرحت. عيش، نشاط. اختيار، مرضي، پسندي. رَسُ، رسنا پٽ، چشڪو، چش. وندر،ونڌنا. سِڪَ، ڇِڪَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The sensation or flavour perceived in the mouth, the sense or faculty of perceiving this, the sense of tasting, taste, a person's liking for something, aesthetic discernment in art, clothes, etc . Happiness, pleasure, ecstasy, enjoyment, joy, delight.
ذَوقَ جا بيتن ۾ حوالا
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، صَبُرُ شُڪرانو،
ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 9 ]
ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 9 ]
ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا،
ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾ پُورا،
هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ، سامِي مَنجِهہ سُورا،
ٿِي چاڪَنِ سين چُورا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 17 ]

وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري،
جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري،
پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ نيڻَ ٺَري،
پِرِيتَئون پيرَ ڀَري، ڪِجِ زِيارَتَ ذَوقَ سين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 20 ]