دُعا جي سنڌي معنيٰ
گهُرَ، سَڏُ، خواهش، آرزو. گهُرج، مِنَٿ، ارداسُ، سوال. خيرعافيت جي چاهنا، مُناجات، مَغفِرَت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A prayer, benediction, blessing.
دُعا جا بيتن ۾ حوالا
مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]

آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون،
ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي،
راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ ڏِٺوسُون ھِتِ ڏيھِي،
سارِيندا صَلاتَ کي، قَبَرَ سَڀَ پيھِي،
ڪوٺائُون ڪَرِيمَ جو، ڳالِهہ پُڇَندومِ ڪيھِي،
اللهُ ھيڪُ مُحَّمَدُ بَرحَقُ، اِيءَ چُئان مانَ ايھِي،
نَوازِيندو نُورَ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 8 ]

ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي،
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]

جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]

زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ،
سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 29 ]