خَلِيلَ جي سنڌي معنيٰ
مخلص دوست، سنگتي، ساٿي، يارَ، سڄڻ، همراه . سچي دوست.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
True friend, sincere friend, companion, pal, beloved, well wisher.
خَلِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ،
رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ خَلِيلَ جو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 1 ]

جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]