خاتُونَ جي سنڌي معنيٰ
ڌڃاڻي، ڌياڻي، نيڪ عورت. امير گهراڻي جي عورت جو لقب. اميرزادي، شھزادي، بيگم، راڻي. شريف عورت. گهر جي مالڪياڻي، زال، گهر واري، عورت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A noble woman, lady, matron, (honorific address) madam, a female proper name, wife, mistress of house.
خاتُونَ جا بيتن ۾ حوالا
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]